پيرزادو عبدالرزاق مولوي

پيرزادو عبدالرزاق، مولوي: سياسي اڳواڻ مولوي عبدالرزاق ولد حاجي ڪمال الدين پيرزادي جو جنم 1884ع تي ڳوٺ فراش تعلقي سکر ۾ ٿيو، هن عربيءَ ۽ فارسي تعليم سان گڏ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيو. هن عملي زندگيءَ جو آغاز تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ڪيو، هن وطن سان محبت ۽ آزاديءَ جي ڪوڏيي هئڻ ڪري انگريزن جي لقب ۽ نوڪريءَ کي ڇڏي ڪري خلافت تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ خلافت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن رهيو، خلافت تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ ۾ هن نه رڳو ڳوٺن ۾ وڃي تبليغ جي ذريعي ماڻهن کي سجاڳ ڪيو بلڪ مالي مدد ڪري ان کي ڪامياب بڻايو. پاڪستان جي قيام کان اڳ مسلم ليگ جماعت ۾ شامل ٿيو. 21 ڊسمبر 1968ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1884.00.00  عيسوي

مولوي عبدالرزاق پيرزادي جو جنم 1884ع تي ڳوٺ فراش تعلقي سکر ۾ ٿيو


1968.12.21  عيسوي

مولوي عبدالرزاق پيرزادو 21 ڊسمبر 1968ع تي وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالقاسم سلطان ٺٽوي
پير نظام الدين سرهندي
جتوئي غلام رسول مولانا
حاجي عبدالله هارون
ڄام ساقي
استاد عبدالرشيد خان
ظل رحمان
استاد لغاري
ڀاڳچند هرداساڻي ڊاڪٽر
تحوتمش III
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون